راحيلا شر

راحيلا شر

راحيلا شر

راحيلا شر: سماج سڌارڪ ۽ سياستدان راحيلا شر جو تعلق ڏهرڪي، ضلعي گهوٽڪيءَ سان آهي. راحيلا جو جنم سکر جي غريب آباد پاڙي جي رند قبيلي ۾ ٿيو. بنيادي تعليم غريب آباد پاڙي جي پرائمري اسڪول ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول سکر مان ڪيائين. پڙهائيءَ دوران سندس شادي ڏهرڪيءَ جي شر قبيلي ۾ ٿي، جنهن بعد مڙس جي نسبت سان راحيلا شر سڏائڻ لڳي. شاديءَ بعد سکر ڇڏي مڙس سان گڏ ڏهرڪيءَ ۾ رهڻ لڳي، جتي ڏهرڪيءَ جي گرلس ڪاليج مان انٽر ۽ بي. اي ڪيائين. هن وڏيرڪي سماج خلاف شعوري سجاڳيءَ جي ضرورت محسوس ڪندي سياست ۾ پير پاتو. ’راهه ويلفيئر ايسوسييئيشن‘ جو بنياد وجهي ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪئي. اڳتي هلي مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿي. هن 2013ع جي اليڪشن ۾ اين اي 200 ۽ پي. ايس 7 تان اميدوار طور حصو ورتو، پر ڪامياب ٿي نه سگهي. راحيلا شر هن وقت مسلم ليگ (ن) ليڊيز ونگ ضلعي گهوٽڪي جي صدر، مسلم ليگ (ن) يوٿ ونگ سنڌ جي نائب صدر ۽ راهه ويلفيئر ايسوسيئيشن جي چيئرمين آهي.


لفظ راحيلا شرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو